پارو 2

پارو2: ٺڪر جو ٿانءُ، جيڪو ويڪري منهن سان هوندو آهي. سڄيءَ سنڌ ۾، خاص ڪري ٻهراڙين ۾ استعمال ٿئي ٿو. ”تس“ وانگر ٿيندو آهي، پر ”تس“ کان ڪجهه وڏو ٿئي. ”پارو“ کير، لسي يا مکڻ وجهي رکڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. هيءُ ٿانءُ چاڏيءَ جي ڀيٽ ۾ ننڍو ٿئي ٿو. چاڏيءَ ۾ ڏڌ ولوڙڻ کان پوءِ مکڻ کي گهڻو ڪري پاري ۾ رکيو ويندو آهي. پارو ننڍو به ٿئي ته وچولو به، يعني ننڍو هوندو ته ان کي ”پارڙو“ چوندا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو